عبدالباقي صديقي بکريءَ جو مقبرو

عبدالباقي صديقي بکريءَ جو مقبرو

عبدالباقي صديقي بکريءَ جو مقبرو

عبدالباقي صديقي بکريءَ جو مقبرو: ميان عبدالباقي صديقيءَ جو مقبرو ڊپٽي ڪمشنر هائوس سکر جي ڏکڻ اولهه ۾، مڪي مسجد جي سامهون منارا روڊ تي آهي. مقبري جي مهاڙيءَ تي لنگهه جي مٿان سندس وفات جي تاريخ جو ڪتبو لڳل آهي. مقبرو چورس رٿ ۾ هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي. مقبري ۾ پهچڻ لاءِ ٻه ڏاڪا ٽپي ٿلهي تان گذري مزار اندر وڃبو. مهاڙي سادي آهي. ٿلهي کان حاشيي تائين ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. دروازي جي مٿان چورس ڪاشيءَ سان مزين ڪتبو لڳل آهي. ان جي مٿان ٻيڙٻني تائين ڪاشيءَ جي نيرين سرن جي جڙاوت هڪ مستطيل نيري عمودي پانيل تي ٿيل آهي. مقبري جي ڀت مهاڙيءَ ۾ ڪنڊن وٽان ٻه اڀا مستطيل سنها پانيل ٻنهي پاسن کان نڪري مٿئين عمودي پانيل سان ملن ٿا. ڀت تي هيٺان کان جوڙ ڪنڊون ڏئي ڳچ ٺاهيو ويو آهي. جنهن جي مٿان بصر نموني جو گول گنبذ ٺهيل آهي. گنبذ جي مٿان ڇهه ڪنڊي لالٽين نما اڏاوت آهي. جنهن جي مٿان ڪاشيءَ جي نيل ڏني وئي آهي. اهڙيون نيلون مقبري جي ڪنڊن ۽ ڳچ جي ڪنڊن تي به لڳل آهن. مقبري جي چوڌاري قبرستان آهي. پاسي کان مسجد آهي. مقبرو سٺي حالت ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو